ميلبرن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميلبرن ٽيسٽ دوران اهڙو واقعو پيش آيو جنهن سڀني کي کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ميدان ۾ نعرا لڳي ويائ.
ميچ دوران جڏهن ڪيمرا مين تماشائين ڏانهن ڪيمرا گهمائي ته هڪ جوڙو پرسڪون ۽ رومانوي انداز ۾ ويٺو هو.
جيئن ئي منظر وڏي اسڪرين تي ظاهر ٿيو ته ميدان ۾ گوڙ پئجي ويو ۽ ٻنهي کي داد ڏنو ويو.
تماشائين جي گوڙ تي جوڙي کي احساس ٿيو ته اصل ۾ سڀ هنن کي ڏسي گوڙ ڪري رهيا آهن پوءِ هنن پنهنجو منهن لڪايو ۽ الڳ الڳ ٿي ويا.
Cameraman going at the wrong end. 😂 pic.twitter.com/1gnJQHwvCr
— Mufaddal Vohra (@mufaddal_vohra) December 28, 2023