ووٽر مون سان پيار ڪندا آهن، ڪامياب ٿي وري عوام جي خدمت ڪندس: قائم علي شاهه

خيرپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته خبر ناهي نواز شريف کي ڪير سپورٽ ڪري رهيو آهي، وقت ٻڌائيندو ته ڪير ٿو وزيراعظم ٿئي.
خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو ته پ پ خلاف هر چونڊن ۾ اتحاد ٺهندا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، اتحاد ٺاهيندڙن کي اڳ جيان هاڻ به شڪست ملندي، چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ ضرور ٿينديون.
هن چيو ته عمران خان خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ۽ عدالتون فيصلو ڪنديون، خبر ناهي ته نواز شريف کي ڪير سپورٽ ڪري رهيو آهي، وقت ٻڌائيندو ته ڪير ٿو وزيراعظم ٿئي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي دور ۾ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا، ووٽر مون سان پيار ڪندا آهن، مون کي بهتر ڪارڪردگي تي ووٽ ڏيندا، 8 فيبروري تي ڪامياب ٿي عوام جي وري خدمت ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.