ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، شهري هلندڙ سال ملڪي تاريخ جو سڀ کان مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪندا رهيا.
عالمي مالياتي فنڊ جي شرطن تحت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 60 رپيا ليوي لاڳو ڪئي وئي.
هن سال پيٽروليم شيون في ليٽر 116 رپيا 58 پيسا مهانگيون ٿيون.
هن سال تيل اگهن تي ليوي ۾ في ليٽر 30 رپيا واڌ ڪئي وئي.
هن وقت ڊيزل ۽ پيٽرول تي 60 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي.
هن وقت پيٽرول تي في ليٽر ۾ ليوي، مارجن، ڊيوٽيز، ٽيڪس 97 رپيا 8 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي
في ليٽر اگهه ۾ ليوي، مارجن، ڊيوٽيز ۽ ٽيڪس جو حصو 97 رپيا 4 پيسا ٿئي ٿو.