واٽس ايپ جي اسٽيٽس لاءِ نئون فيچر جلد متعارف ڪرايو ويندو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ اسٽيٽس اپ ڊيٽ هيڊز جو نئون لي آئوٽ جلد متعارف ڪرايو ويندو.
رپورٽ موجب واٽس ايپ نئين ڊزائين وارو اپ ڊيٽ هيڊر في الحال رڳو اينڊرائڊ بيٽا واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ واهپيدارن کي 2.23.26.13 ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته واٽس ايپ اسٽيٽس اپ ڊيٽس هيڊر ۾ ڪيمرا ۽ پينسل جي نشان جا ٻه بٽڻ وڌائي رهي آهي. اهو بٽڻ واهپيدارن لاءِ شارٽ ڪٽ طور ڪم ڪندو ۽ واهپيدارن ڪنهن به زحمت کانسواءِ تصويرون، وڊيو، جف ۽ لکت پنهنجي ڪانٽيڪٽس سان شيئر ڪري سگھندا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني جو مقصد آهي ته ڪيمرا ۽ پينسل جا بٽڻ شامل ڪري لي آئوٽ کي منظم بڻائيندي واهپيدار جي تجربي کي بهتر ڪيو وڃي.
واضح رهي ته تازو ئي واٽس ايپ آزمائش لاءِ چينلز الرٽس فيچر به بيٽا واهپيدارن کي پيش ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.