دنيا جي هر شيءِ جوهري ذرڙن (Atoms) تي ٻڌل آهي. اهڙن ئي عنصرن مان هڪ پوٽاشيم آهي جيڪو ڪيلن،مختلف ڀاڄين ۽ ميون ۾ موجود هوندو آهي. جيڪو تابڪاري شعاع خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ڪيلي ۾ پوٽاشيم K-40 ايٽمز هوندا آهن جيڪي ٽٽي ويندا آهن ۽ ان جي بدلي اليڪٽران (بيٽا تابڪاري) سان گڏوگڏ گاما شاع خارج ڪندا آهن. اهي ٻئي تابڪاري شعاع انساني ٽشوز کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
جيتوڻيڪ ڪيلي ۾ K-40 ايٽمز جو مقدار گھڻو ناهي هوندو. پر پوءِ به سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪيلو کائڻ سان ڪيترو نقصان ٿي سگھي ٿو؟ ۽ ان کي کائڻ سان اصل خطرو ڪهڙو آهي؟
ڄاڻايل سوال جو جواب جون اندازو تابڪاري جي مقدار سان ڪري سگھجي ٿو جيڪو انساني ٽشوز ۾ جذب ٿي ويندو آهي ۽ ريم ۾ ماپيو ويندو آهي.
هڪ ڪيلي ۾ تقريبن 450 ملي گرام پوٽاشيم هوندو آهي، ۽ جڏهن ان کي کاڌو ويندو آهي ته اهو انساني جسم ۾ K-40 جي 0.01 ملي ريم جو مقدار خارج ڪندو آهي. موت جي خطري لاءِ هڪ ئي وقت گھٽ ۾ گھٽ 1000 ڪيلا کائڻا پوندا جنهن جي نتيجي ۾ 10 ملي ريم تابڪاري خارج ٿيندي ۽ 10 لک مان هڪ فرد جي موت جو خطرو وڌي ويندو.
You might also like