25 مئي لانگ مارچ: عمران خان ۽ اسد عمر ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ بري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 25 مئي واري لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ عمران خان ۽ اسد عمر کي بري ڪري ڇڏيو.
ڪيس جي ٻڌڻي سول جج نويد خان ڪئي، عدالت ٻين جوابدارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان ۽ اسد عمر خلاف ڪورال ٿاڻي ۾ ڪيس داخل هو.
واضح رهي ته عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي داخل ڪيسن ۾ بريت جي درخواست 9 سيپٽمبر تي جمع ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.