لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ حماد اظهر سميت 9 مئي واقعن ۾ ملوث 18 اشتهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا.
پوليس موجب پي ٽي آءِ جي 18 اشتهاري اڳواڻن طرفان جاچ ۾ شامل نه ٿيڻ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن تي نادرا اشتهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته سمورا جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيڻ بنا قانوني حق حاصل نٿا ڪري سگهن ۽ جاچ ۾ شامل ٿيڻ تائين جوابدارن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ رهندا.
پوليس موجب جن جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا، انهن ۾ مراد سعيد، اعظم سواتي، حماد اظهر، اسلم اقبال، ڪرامت کوکر، علي امين گنڊاپور، واثق قيوم عباسي، مسرت جمشيد چيمه، جمشيد چيمه، زبير نيازي، ملڪ نديم عباس، غلام محيءُ الدين شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته اشتهاري جوابدارن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ حماد اظهر سميت پي ٽي آءِ جي 18 اڳواڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ
You might also like