جهل مگسي (ويب ڊيسڪ) جهل مگسي ۾ ريپ ريلي دوران ريسر جي گاڏي جي ٽڪر ۾ 7 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو.
7 ورهين جو گل حسن پٽ سبزل مجيداڻي ٽريڪ تي موجود هو ته ان دوران تيز رفتار بي قابو گاڏي کيس ٽڪر هنيو، ٻار کي فوري طور اسپتال نيو ويو پر هو نه بچي سگهيو.
هوڏانهن فيصل شادي خيل جهل مگسي جيپ ريلي ۾ ميدان ماري ورتو، فيصل جيپ ريلي اي پري پيڊ ڪيٽيگري ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
فيصل شادي خيل هڪ ڪلاڪ 21 منٽن 14 سيڪنڊن ۾ 135 ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئي ڪيو.
You might also like