خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ڪيس ۾ غير حاضر رهڻ تي 20 کان وڌيڪ پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج محمد اسلام الحق آرائين جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رھندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جن خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ ايس ايڇ او ٽنڊومستي رفيق احمد سومرو، انسپيڪٽر امام دين چانڊيو، انسپيڪٽر محمد خان سيال، سب انسپيڪٽر الهڏنو ڄامڙو، سب انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ ڄامڙو، سب انسپيڪٽر محمد ياسين پٺاڻ، سب انسپيڪٽر شاهد علي حطار، سب انسپيڪٽر محمد سليم دايو، سب انسپيڪٽر خادم حسين مشوري، سب انسپيڪٽر محمد اسلم لغاري، سب انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ جلباڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
You might also like