پيٽرول ڪيترو سستو ٿيندو؟ عوام لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو به امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو، ان حوالي سان اوگرا حڪومت کي موڪلڻ لاءِ سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا جلد حڪومت کي موڪلي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اڄ رات پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو اعلان ڪندي، نوان اگهه 16 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندا.
ذريعن موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.