ڪراچي: جعلي آرمي آفيسر گرفتار

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي پاڻ کي آرمي آفيسر سڏرائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار فرحان خان پاڻ کي آرمي آفيسر ظاهر ڪري عام ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيندو هو ۽ اسنيپ چيڪنگ پوائنٽ تي پوليس اهلڪارن کي آرمي آفيسر طور پنهنجو تعارف ڪرائيندو هو.

پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار ڪيل جوابدار خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون ملڻ بعد لاڳاپيل اداري کان ڄاڻ ورتي وئي جنهن تي لاڳاپيل اداري ڄاڻ فراهم ڪندي چيو ته اهڙي شخص جو اسان جي اداري سان ڪو به تعلق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.