خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگرد حملا، 6 اهلڪار شهيد

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ دهشتگردن جي حملن ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.
خيبر ضلعي ۾ دهشتگردن باڙا جي ناله جوائنٽ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن دستي بم سميت ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن ٽانڪ ۾ به دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، جتي دهشتگردن ڊيرا روڊ تي پوليس لائن تي حملو ڪيو.
پوليس موجب حملي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.