انسٽاگرام ۾ ٻه نوان فيچرز شامل

انسٽاگرام ۾ ٻه نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.

ميٽا جي ملڪيت هيٺ فوٽو شيئرنگ ايپ پاران انهن نون فيچرز جو اعلان ڪيو ويو.

انهن مان هڪ فيچر بيڪ ڊراپ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آِءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي.

ان فيچر سان واهپيدارن لاءِ اسٽوريز جي بيڪ گرائونڊ کي اي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي تبديل ڪرڻ ممڪن هوندو.

جڏهن اوهان انسٽاگرام اسٽوري ۾ فوٽو يا ٻيو مواد اپ لوڊ ڪندا ته اسڪرين تي مٿي بيڪ ڊراپ جو آئڪون نظر ايندو.

ان آئڪون تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ تصوير جي پٺيان جو بيڪ گرائونڊ غائب ٿي ويندو ۽ ٽيڪسٽ باڪس ۾ اوهان کان پڇيو ويندو ته اوهان ڪهڙي قسم جو بيڪ گرائونڊ چاهيو

ٿا.

ان کان پوءِ اوهان جيڪي به هدايتون ڏيندا، اي آءِ ٽول ان موجب بيڪ گرائونڊ بڻائيندو.

ٻيو فيچر انسٽاگرام اسٽيٽس بابت آهي.

انسٽاگرام ۾ اسٽيٽس فيچر هڪ سال اڳ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ هيل تائين ٽيڪسٽ يا ايموجيز کي پوسٽ ڪري سگھبو هو.

پر هاڻي واهپيدار 2 سيڪنڊن جي وڊيو کي به انسٽاگرام اسٽيٽس ۾ شيئر ڪري سگھندا جيڪو 24 ڪلاڪن کان پوءِ غائب ٿي ويندو.

اها وڊيو هر هر پلي ٿيندي ويندي ۽ اوهان جي دوستن جي ان باڪس ۾ پروفائل فوٽو جي جاءِ تي نظر ايندي.

اوهان جا دوست اسٽيٽس تي ڪلڪ ڪري اسٽيڪر،فوٽو،ٽيڪسٽ يا گف ذريعي رپلاءِ ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.