شاگردن لاءِ خوشخبري، حڪومت جو اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
شاگردن کي اهي موٽر سائيڪلون ڪڻن ذريعي رعايتي اگهه تي ڏنيون وينديون، ان اسڪيم لاءِ بئنڪ آف پنجاب صوبائي حڪومت کي مالي مدد فراهم ڪندي.
رپورٽ موجب ٽرانسپورٽ سيڪريٽري جي قيادت ۾ هڪ 11 رڪني ذيلي ڪميٽي ان اسڪيم تي ڪم ڪري رهي آهي، اها اسڪيم ايندڙ مهيني منظور ٿيڻ جو امڪان آهي.
منصوبابندي بابت صوبائي وزير بلال افضل چيو ته ذيلي ڪميٽي جي تجويز حتمي منظوري لاءِ نگران وڏي وزير کي موڪلي ويندي ۽ ڪابينا مان حتمي منظوري ورتي ويندي.
هن چيو ته اسڪيم جو مقصد ماحول کي گدلاڻ کان محفوظ رکڻ ۽ شاگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي، اسان ان اسڪيم لاءِ مارڪيٽ ۾ موجود سڀني اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل ساز ڪمپنين ۽ انهن جي موٽر سائيڪلن جي اگهن جي حوالي سان تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسڪيم لاءِ شاگردن کان آن لائن درخواستون ورتيون وينديون ۽ پوءِ ڪڻن ذريعي کين موٽر سائيڪلون ڏنيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.