عدالتي حڪم تي چونڊ عملي جي تربيت معطل، اليڪشن جو عمل رڪجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن (ڊي آر اوز) ۽ رٽرننگ آفيسرن (آر اوز) جي ٽريننگ روڪي ڇڏي.
ذريعن ان حوالي تان تازي ترين صورتحال بابت تصديق ڪئي ته اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ روڪي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته 11 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن ٻڌايو هو ته ايندڙ سال عام چونڊن لاءِ مقرر ڪيل ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ اڄ کان شروع ٿيندي.
گذريل رات لاهور هاءِ ڪورٽ بيورو ڪريٽس جي آر اوز سميت ٻئي چونڊ عملي طور مقرري جي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
عدالت عاليا اهو حڪم پي ٽي آءِ طرفان ايندڙ عام چونڊن لاءِ بيورو ڪريٽن جي آر اوز طور مقررين خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنو هو.
جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏنا هئا ته حقيقتن جي بنياد تي درخواستگذار جي سياسي جماعت لاءِ ظاهري طور ليول پليئنگ فيلڊ جي عدم موجودگي سڀني کي نظر اچي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي اڻ ڌرين گروپن به ان کي سنجيدگي سان نوٽ ڪيو آهي.
هن چيو ته اعليٰ سياسي قيات جيل ۾ بند آهي يا روپوش آهي، ان صورتحال ۾ درخواستگذار جي سياسي جماعت جي چونڊ مهم تي وڏو سواليا نشان آهي.
سندس چوڻ هو ته درخواستگذار جو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان منصفاڻيون ۽ آزاد چونڊون نه ڪرائڻ جو خدشو درست ثابت ٿئي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر انتظاميا جي موجوده ميمبرن مان آهن، جن تي درخواستگذار جي سياسي جماعت اعتماد نٿي ڪري.
سڀني ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جج شروعاتي طور تي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو، جنهن کي رات دير سان ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي معطل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.