ترڪي جو پارليامينٽ ميمبر تقرير دوران لاڏاڻو ڪري ويو

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۾ فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل جي خلاف تقرير ڪندي پارليامينٽ ميمبر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پارليامينٽ ميمبر حسن بٽميز جو واسطو اپوزيشن سان هو جيڪو اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ تي تقرير ڪري رهيو ته اوچتو زمين تي ڪري پيو.

54 سالن جي حسن بٽميز کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر تيستائين هو لاڏاڻو ڪري چڪو هو. هو سينيٽر فار اسلامڪ يونين ريسرچ جو چيئرمين هو. هن سوڳوارن ۾ زال ۽ هڪ پٽ کي ڇڏيو آهي.

حسن بٽميز تقريب ۾ صدر اردگان ۽ سندس جماعت کي تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن ته هن جنگ باوجود اسرائيل سان واپار تي به سوال اٿاريا.

تقرير ۾ هن چيو ته اوهان سامونڊي جهازن کي اسرائيل وڃڻ جي اجازت ڏيندي بي شرمي سان ان کي واپار جو نالو ڏيو ٿا، اوهان اسرائيل جا ساٿي آهيو.

هن چيو ته اوهان جي هٿن تي معصوم فلسطينين جو رت موجود آهي، اوهان ان ۾ برابر جا شريڪ آهيو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن تاريخ خاموش رهي تڏهن به سچائي خاموش نه رهندي، اسرائيل سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هو اسان کان جان ڇڏائيندو ته ڪو به مسئلو نه رهندو، جيڪڏهن توهان تاريخ جي عذاب کان بچي به وڃو ته الله جي غضب کان نه بچي سگھندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.