سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ سيلفي وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان تي پڃري ۾ بند شينهن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.
اهو واقعو پارڪس اينڊ هارٽي ڪلچر اٿارٽي جي انتظام هيٺ لوڪ ميلي ۾ پيش آيو.
نوجوان شينهن جي پڃري جي صفا ويجهو ٿي سيلفي وٺي رهيو هو ته شينهن مٿس حملو ڪري ڏنو.
حملي ۾ نوجوان جي هڪ ٻانهن زخمي ٿي پئي، کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي شروعاتي طبي امداد ڏئي کيس روانو ڪيو ويو.
You might also like