340 سال اڳ ڦاٽل ستاري جي باقيات جون تصويرون جاري

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي اداري ناسا جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ ذريعي ڪڍيل سپر نووا جي باقيات جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون.
جاري ڪيل تصويرن ۾ زمين کان 11 ارب نوري سال پري موجود ڪيسيوپيا اي (ڪيس اي)نالي ستاري جي اندر ڌوڙ جي خول کي ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته ٽيلي اسڪوپ ۾ لڳل نيئر انفراريڊ ڪيمرا (اين آءِ آر ڪيم) ڪيس اي جي باقيات کي عڪس بند ڪيو آهي.
اين آءِ آر ڪيم تصوير ۾ ڪيس اي جي باقيات ۾ موجود ڄمون رنگ جي شيءِ کي واضح ڏسي سگھجي ٿو جيڪا حقيقت ۾ آئيونائزڊ گيس ڏانهن اشارو ڪري ٿي.
پرڊو يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ تحقيقي ٽيم جي سربراهه ڊيني مليوسيولجوڪ جو ناسا جي پريس رليز ۾ چوڻ هو ته ڪيس اي تقريبن 340 سال اڳ ڌماڪي سان ڦاٽو هو.
ٽيم جي سربراهه موجب ايترن سالن تائين ڪيس اي تي مطالعو ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ڄاڻ حاصل ٿيڻ يقين ڪرڻ جوڳو ناهي. اها ڄاڻ سائنسدانن کي اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ڏيندي ته اهو ڦاٽو ڪيئن.

A side-by-side comparison of two images of the same supernova remnant
پرنسٽن يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ ٽي ٽيمِم پريس رليز ۾ چيو ته ڪيس اي جي پهرين تصوير اپريل ۾ جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ اهڙا تفصيل سامهون آيا جن تائين سائنسدانن کي اڳ ۾ پهچ نه هئي.
محقنن موجب تصوير موجود اڇو رنگ سنڪروٽرون شعاعن مان پيدا ٿيندڙ روشني آهي، جيڪا مقناطيسي فيلڊ لائينز جي چوڌاري جي چوڌاري تيز سان ڦرندي سفر ڪندڙ چارجڊ ذرڻ جي ڪري خارخ ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.