ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شهر پني عاقل ۾ مئل جانورن جي هڏن مان گيهه ۽ تيل تيار ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سنڌ فوڊ اٿارٽي پني عاقل ۾ مئل جانورن جي هڏن مان گيهه ۽ تيل ٺاهيندڙن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گيهه پڪڙيو ويو.
اهو آپريشن سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين جي هدايت تي ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڪيترن ئي ڊرمن ۾ موجود هاڃيڪار گيهه ۽ تيل ضايع ڪري ڇڏيو.
آغا فخر حسين موجب مئل جانورن جي هڏن مان گيهه ۽ تيل ٺاهيندڙن خلاف قانوني موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، سنڌ فوڊ اٿارٽي کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري رهي آهي.
You might also like