گوگل ميپس ۾ 3 بهترين فيچرز متعارف

موجودا دور ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ٽيڪنالاجي ڪمپنين کان پنهنجي لوڪيشن لڪائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.
اهو ئي سبب آهي جو گوگل پاران ماڻهن جي ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ گوگل ميپس نون فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي.
انهن فيچرز سان واهپيدار ميپس ۾ پنهنجي پرائيويسي جو وڌيڪ تحفظ ڪري سگھندا ۽ اهو طئي ڪري سگھندا ته سندن ڪهڙو ڊيٽا ڪمپني تائين نه پهچڻ گھرجي.
انهن فيچرز مان سڀ کان اهم سيو يور ٽائيم لائين (Save your time line) نالي آپشن آهي.
ان آپشن سان اوهان ٽائيم لائين کي ڪلائوڊ سروس بدران پنهنجي ڊوائيس ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا.
جيڪڏهن اوهان کي خبر نه هجي ته ڄاڻي وٺو ته ٽائيم لائين انهن علائقن يا هنڌن جو اهڙو انڪرپٽڊ رڪارڊ هوندو آهي جتي اوهان وڃي چڪا هوندا آهيون.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ لوڪيشن هسٽري کي ٽرن آن ڪرڻ جي ضرورت پوندي جيڪا باءِ ڊيفالٽ آف هوندي آهي.
ٻيو فيچر گوگل ميپس ۾ بلو ڊاٽ تي ڪلڪ ڪرڻ جو آهي.
ان بلو ڊاٽ تي ڪلڪ ڪري اوهان مختلف سيٽنگز جهڙوڪ لوڪيشن هسٽري ۽ ٽائيم لائين کي ڏسي سگھندا.
ان شارٽ ڪٽ سان اوهان پنهنجي اڪائونٽس جي انهن تفصيلن کي ايڊٽ ڪري سگھو ٿا جيڪي گوگل ميپس ۾ شيئر ۽ محفوظ ڪيا ويندا آهن، ته جيئن گوگل ڊيٽا تائين گھٽ کان گھٽ پهچ هجي.
گوگل پاران مخصوص لوڪيشن ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ جو آپشن به واهپيدارن کي ڏنو پيو وڃي.
ان فيچر سان واهپيدار ڪنهن به هنڌ وڃڻ کان پوءِ ان بابت سرچز، ڊائريڪشنز ۽ ٻئي ڊيٽا کي ڊليٽ ڪري سگھندا.
بلو ڊاٽ ۽ لوڪيسن ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ جا فيچرز ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندا.
پر سيو يور ٽائيم لائين فيچر ايندڙ سال ڪنهن به وقت واهپيدارن کي دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.