ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦورن 36 ڪلاڪن دوران هڪ ئي هوٽل ۾ 3 وارداتون ڪيون، جوابدارن کي پوليس جهڙيون بلٽ پروف جيڪيٽون ۽ جوتا پاتل هئا.
ڪراچي ۾ ڦورن بلٽ پروف جيڪيٽن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو، ڪورنگي ٻه نمبر ۾ هڪ هوٽل ۾ 36 ڪلاڪن دوران 3 وارداتون ٿيون.
ٻن وارداتن ۾ ڦورن هوٽل جي گراهڪن کي ڦريو ۽ پوءِ رات جو هوٽل ملازمن کان به ٻه لک رپيا ڦري ويا.
هوٽل ملازمن موجب اهي ستل هئا، اوچتو هٿياربند داخل ٿيا ۽ پاڻ کي پوليس اهلڪار ظاهر ڪري هوٽل جي تلاشي ورتي.
ملازمن ٻڌايو ته جوابدارن کي پوليس جهڙيون بلٽ پروف جيڪيٽون ۽ جوتا پاتل هئا، جڏهن ته انهن جي هٿن ۾ واڪي ٽاڪي به هئي.
ملازمن موجب هڪ ڪلاڪ تائين اسان کي يرغمال بڻايو ويو، هر هر پئسن جو پڇندا رهيا ۽ ٻه لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ويندي ويندي بجلي به بند ڪري ويا.
ڪراچي ۾ پوليس جو روپ اختيار ڪندڙ ڏوهاري سرگرم، 36 ڪلاڪن دوران هڪ ئي هوٽل ۾ 3 وارداتون
You might also like