خيرپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد تشدد سبب فوت ٿي ويل نينگري فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس انڪوائري ڪميتي جي سربراهه ڊي اين اي جي نمونن جي مس هينڊلنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
پروفيسر ڊاڪٽر وحيد چيو آهي ته انڪوائري ۾ واضح ٿيو ته فاطما جا سيمپلز پهريان ڊي اين اي ليب ڄامشورو منتقل ٿيا، انهن کي ڊي سيل ڪري پروسيس ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو ته سيمپلز کي آءِ سي سي بي ايس کي موڪلڻ جو چيو ويو.
پروفيسر ڊاڪٽر وحيد جو چوڻ هو ته سيمپلز جي منتقلي کي مس هينڊلنگ چئي سگھجي ٿو، سيمپلز مان ملندڙ رزلٽ کي شڪي ماڻهن سان ملايو ويندو.
You might also like