ملٽري ڪورٽس ڪيس: جسٽس اعجاز الاحسن کي اعتراض

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن سپريم ڪورٽ ۾ بينچ جوڙڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا.

جسٽس اعجاز الاحسن طرفان بينچ جوڙڻ واري معاملي تي سيڪريٽري ڪميٽي کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪميٽي فوجي عدالتن جي ڪيس ۾ اپيل لاءِ 7 رڪني بينچ تي راضي ٿي هئي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، جج سينارٽي جي بنياد تي بينچ ۾ شامل ٿيندا.

خط ۾ لکيو ويو ته ڪميٽي ۾ اسپيشل بينچ نه ٺاهي وئي، اجلاس ۾ واضح طور چيو ويو ته پِڪ اينڊ چوز جو تاثر ختم ڪيو وڃي.

خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن تي ٻڌل بينچ جوڙي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.