غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ويجهو اڻڄاتل هٿياربند مبينا طور ٽرڪ ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته پوليس اغوا جي تصديق نه ڪئي .
مين انڊس ھاءِ وي انڙ واھ ڀرسان ھٿياربندن مسافر گاڏين مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني،جنهن سبب ٽرڪ جا ٽائر برسٽ ٿي پيا، جنهن بعد ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ھٿياربند ٽرڪ ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.
ٻنهي مغوين جي پوليس تصديق نه ڪئي ، جڏهن ته پوليس اهلڪار هٿيار بندن جا پيرا کڻي ويا.
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي غوثپور پوليس ٻڌايو ته هٿياربندن ٽرڪ مٿان فائرنگ ڪئي پر ڪيترا ماڻهو اغوا ٿيا آهن ان بابت تصديق نه ٿي ڪري سگهجي.