اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان ۽ وڪيل اعزاز احسن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت ۽ انتظاميا ميان صاحب کي اڪثريت ڏيڻ لاءِ حتمي ڪوشش ڪري رهي آهي، نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ويو آهي ۽ کيس وزيراعظم جو سڄو پروٽوڪول ملي رهيو آهي.
اعتزاز احسن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ٿيندي ته قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ ن ليگ جو حصو تمام ٿورو هوندو.
هن چيو ته معاملا جيئن هلي رهيا آهن ته لڳي ٿو اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت ۽ انتظاميا ميان صاحب کي اڪثريت ڏيڻ جي حتمي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اهو ايترو آسان نه هوندو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ويو آهي، هاڻ رسمي طور جيڪڏهن کيس بڻائڻو آهي ته اها هڪ الڳ ڳالهه آهي، نواز شريف کي وزيراعظم جو سمورو پروٽوڪول ملي رهيو آهي.
You might also like