ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊجيٽل ميڊيا مارڪيٽنگ جي نالي سان نئون چئن سالن جو ڊگري پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڊجيٽل ميڊيا مارڪيٽنگ پروگرام ماس ميڊيا شعبي تحت شروع ڪيو پيو وڃي ۽ ان پروگرام ۾ فوري طور داخلائون شروع ٿي رهيون آهن.
ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر سرور نسيم هال ۾ ان پروگرام جي حوالي سان تعارفي تقريب رٿي وئي.
وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد عراقي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان پولٽري سائنسز، هيومن نيوٽريشن، اسپورٽس ڊگري مئنيجمينٽ کانپوءِ هاڻ ڊجيٽل ميڊيا مارڪيٽنگ جو پروگرام متعارف ڪرايو آهي.
هن چيو ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان کي تعليمي شعبي ۾ به وقت سان نوان شعبا متعارف ڪرائڻا پوندا ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڊجيٽلائيزيشن سبب هاڻ ڪنهن کان ڪا شئي لڪل ناهي پر اهو تصور نه ڪيو وڃي ته روايتي ميڊيا جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ڊجيٽل ميڊيا کي بنياد ته روايتي ميڊيا ئي فراهم ڪري رهي آهي.
You might also like