اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ٿي ويو.
وفاق جي نگراني هيٺ سمورا اسڪول ۽ ڪاليج 25 کان 29 ڊسمبر تائين بند رهندا، جنهن جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب وفاق ۾ تعليمي سرگرميون پهرين جنوري کان بحال ٿينديون.
واضح رهي ته سنڌ ۾ 22 کان 31 ڊسمبر تائين سياري جون موڪلون هونديون.
Next Post
You might also like