سنڌ ۾ هلندڙ مالي سال جولاءِ کان نومبر تائين 58 اربن کان وڌيڪ جو ٽيڪس وصول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن سنڌ اورنگزيب پنهور هلندڙ مالي سال جولاءِ کان نومبر تائين ٽيڪس وصولي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
ڊي جي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن سنڌ تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان نومبر تائين ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي مجموعي طور تي 8 ارب 51 ڪروڙ 24 لک رپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس وصول ڪيو.
هن ٻڌايو ته موٽر وهيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 3 ارب ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو، انفرا اسٽرڪچر سيس جي مد ۾ 35 ڪروڙ 19 لک رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو.
ان کانسواءِ پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 35 ڪروڙ 19 لک رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو، ڪاٽن فيس جي مد ۾ 6 ڪروڙ 42 لک کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو، جڏهن ته انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي جي مد ۾ ٻه ڪروڙ 51 لک رپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس وصول ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.