شادي شدهه ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا:تحقيق

اڪثر مذاق ۾ چيو ويندو آهي ته شادي ماڻهن جو بلڊ پريشر وڌائڻ جو سبب بڻبي آهي.
پر هاڻي هڪ نئين طبي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شادي شدهه جوڙن ۾ هاءِ بلڊ پريشر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
هاءِ بلڊ پريشر کي خاموش قاتل مرض قرار ڏنو ويندو آهي ڇو جو ان جو شڪار ماڻهن کي گھڻو ڪري ان جي خبر ئي ناهي هوندي.
آمريڪا جي مشيگن يونيورستي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته شادي شدهه ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ 9 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
حقيقت ۾ شادهه شدهه جوڙن مان ڪنهن هڪ ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ان جي ساٿي ۾ به ان بيماري مان متاثر ٿيڻ جو خطرو نمايان حد تائين وڌي ويندو آهي.
ان تحقيق ۾ برطانيا سان واسطو رکندڙ 1089، آمريڪا جي 3989، چين جي 6514 ۽ ڀارت جي 22 هزار 389 جوڙن جي بلڊ پريشر جي جاچ ڪئي وئي هئي.
اهڙن ماڻهن کان بلڊ پريشر جي تاريخ معلوم ڪئي وئي ۽ نتيجن مان خبر پئي ته برطانيا جا 47 سيڪڙو جوڙا بلڊ پريشر جو شڪار هئا.
اهڙيءَ طرح آمريڪا جا 38 سيڪڙو، چين جا 21 سيڪڙو جڏهن ته ڀارت جي 20 جوڙن ۾ اها بيماري ظاهر ٿي.
پوءِ محققن اهو جائزو ورتو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت جي شادي اهڙي مرد سان ٿئي ٿي جيڪو هاءِ بلڊ پريشر مان متاثر هجي ته پوءِ ڇا ٿئي ٿو.
نتيجن مان خبر پئي ته ان صورت ۾ زال کي به اها بيماري ٿيڻ جو امڪان 26 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
محققن موجب گھڻن ماڻهن کي خبر آهي ته وچولي عمر جي ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جو مسئلو عام هوندو آهي پر اسان اهو دريافت ڪري حيران ٿي ويا آهيون ته شادي شدهه جوڙن ۾ اهو مرض ڪيترو عام آهي.
هنن ٻڌايو ته اها پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ جوڙن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي مسئلي جو جائزو ورتو ويو هو.
ماهرن جو چوڻ هو ته تحقيق موجب جيڪڏهن اوهان جي ساٿي کي هاءِ بلڊ پريشر هجي ته ان ڳالهه جو خطرو وڌي ويندو آهي ته اوهان به ان مرض جو شڪار ٿي سگھو ٿا.
محققن موجب ضروري آهي ته شادي شدهه جوڙا طرز زندگي ۾ تبديليون آڻين جهڙوڪ جسماني طور تي سرگرم ٿي وڃن، دٻاءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سٺي خوراڪ جو استعمال يقيني بڻائين.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف دي آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ ڇپيل آهن.
هاءِ بلڊ پريشر ڇو ٿيندو آهي؟
رت جون شريانيون سوڙهيون هجن ته رت جو وهڪرو محدود ٿي ويندو آهي.
شريانيون جيتريون سوڙهيون هونديون، وهڪرو اوترو ئي گھٽ ۽ بلڊ پريشر اوترو وڌيڪ هوندو.
وقت سان گڏ اهو دٻاءُ وڌي مختلف مسئلن جهڙو دل جي مرضن، هارٽ اٽيڪ يا فالج جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
بلڊ پريشر جو مسئلو گھڻو عام آهي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ان جو شڪار آهن.
هاءِ بلڊ پريشر سان رت جون شريانيون ۽ عضوا خاص ڪري دماغ،دل، اکين ۽ بُڪين کي نقصان پهچندو آهي.
هاءِ بلڊ پريشر جي سڃاڻپ جلد ٿيڻ سان ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.