جعلي سفري دستاويزن جي تياري ۾ ملوث جوابدار ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي انساني سمگلنگ روڪ سرڪل ڪارروائي ڪري انساني سمگلر کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار جعلي سفري دستاويز جي تياري ۾ ملوث هو، جنهن ڪيترن ئي شهرين کي اٽلي جا جعلي ريزيڊنٽ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، جوابدار جعلي ريزيڊنٽ ڪارڊ عيوض لکين رپيا وصول ڪندو هو.
ايف آءِ اي ترجمان چيو ته جوابدار ذوالفقار علي کي محدود آباد مان گرفتار ڪيو ويو، هو اٽلي ۾ رهندو هو ۽ هن رقم پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪرائي.
اختياري چيو ته جوابدار ڪيترن ئي شهرين سان ويزا جي نالي فراڊ ڪيو، کيس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي آهي، جڏهن ته جعلي دستاويزن جي تياري ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي ڄاڻ به حاصل ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.