ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرچ وٽامن سي جو هڪ سٺو ذريعو آهن جيڪي فلو جي موسم ۾ مدافعتي نطام کي مضبوط ڪندا آهن.
مرچ پوٽاسيم، مينگنيج، آئرن ۽ ميگنيشيم جهري معدنيات سان ڀرپور هوندا آهن.
مرچن جي تيزابيت هاصمي کي تيز ڪندي آهي ۽ هاضمي جي مسئلن کي ختم ڪندي اهي.
مرچن ۾ ڪيپسيسن هوندو آهي جيڪو ميتابولڪ ريت کي وڌائيندو آهي ۽ وزن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
ڪيپسيسن جا دل لاءِ اثر هوندا آهن ان سان دل جي صحت بهتر ٿيندي آهي.
مرچن جي گرمي رت جي گردس کي هٿي ڏيندي آهي جنهن سان اوهان سياري ۾ گرم رهي سگهو ٿا.
مرچن ۾ موجود ڪيپسيس ينالجيسڪ خاصيتون هونديون آهن ۽ ڪجهه قسم سور مان ڇوٽڪارو به ڏياريندا آهن.
مرچن ۾ اينٽي آڪسيڊنتس هوندا آهن جيڪي فري ريڊيڪلز سان وڙهڻ ۽ مجموعي صحت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
مرچن جي گرمي زڪام کي صاف ڪرڻ ۽ سياري جي علامتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.