ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ثقافتي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي هڪ قديم ۽ خوبصورت تهذيب جو عڪس آھي.
بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هن ملڪ جي سڀني ثقافتن کي برابريءَ جو درجو ۽ هڪ جيتري اهميت ڏيڻ ۾ يقين رکي ٿي.
هن چيو ته هن عاليشان ۽ فخر لائق قديم تهذيب کي عالمي سطح تي نمايان ڪري دنيا اڳيان پاڪستان جو مثبت ۽ روشن چهرو پيش ڪرڻ ئي اسان جو منشور آھي.
Next Post
You might also like