سپريم ڪورٽ ۾ ڏاڪڻين تان ڪِري پوليس اهلڪار فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي عمارت جي ڏاڪڻين تان ڪِري پوليس ڪانسٽيبل فوت ٿي ويو.
پوليس موجب ڪانسٽيبل محمد رياض ڏاڪڻيون چڙهي رهيو هو ته چڪر اچڻ تي ڪِري پيو، کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳو ۽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
پوليس ٻڌايو ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو، فوتي اهلڪار جو واسطو واهه ڪينٽ سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.