ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيهه، ڪڪڙ جو گوشت ۽ کنڊ جي اگهن ۾ هڪ هفتي دوران گهٽائي آئي آهي. شماريات کاتي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي.
شمارتيات کاتي موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 23 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 41.05 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
جاري ڪيل رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 13 شيون مهانگيون ٿيون، 14 شيون سستيون ٿيون جڏهن ته 24 شين جا اگهه ساڳيا رهيا.