اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) سيرپ ٺاهيندڙ سڀني فارموسوٽيڪل ڪمپنين کي گليسرين ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) سڀني دوا ساز ڪمپنين کي گليسرين ۽ سوربيٽول ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڊريپ ترجمان طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته گليسرين ۽ سوربيٽول کنگهه ۽ الرجي جو شربت ٺاهڻ ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، سيرپ ٺاهيندڙ سڀئي فارماسوٽيڪل ڪمپنيون گليسرين ٽيسٽ ڪري استعمال ڪن.
ترجمان چيو ته جعلي ۽ اڻ رجسٽرڊ دوائون کپائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
You might also like