عمران خان بابت خطرناڪ انٽرويو اچڻ جا چئوٻول

لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان جي ڪردار بابت هڪ وڌيڪ خطرناڪ انٽرويو اچڻ جا  اطلاع اچي رهيا آهن، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته نامياري صحافي منيب فاروق جنهن خطرناڪ انٽرويو اچڻ جا اشارا ڏنا آهن انهن مان واضح آهي ته عمران خان جي اڳوڻي گهاٽي يار يوسف صلاح الدين جي اڳوڻي گهر واريءَ جو انٽرويو اچڻ وارو آهي، يوسف صلاح الدين جي گهر واري طلاق جو الزام به عمران خان تي مڙهيو هو ۽ هڪ ڪتاب پڻ لکيو هو. جيڪو هڪ سنڌي  اخبار ۾ به قسط وار  ڇپيو هو جيڪو پڻ خطرناڪ هو. هاڻي جيڪڏهن يوسف صلاح الدين جي اڳوڻي گهر  واري جو انترويو آيو ته اهو واقعي خطرناڪ هوندو ڇو ته عمران خان جي ڪردار بابت انتهائي  اعتبار نه ڪرڻ جوڳا انڪشاف هوندا.جيڪي حاجره خان جي الزامن کان وڌيڪ غليظ ۽ ڪريل هوندا. صحافي موجب ذاتي راءِ آهي ته جيڪر اهڙا انٽرويو، آڊيو، وڊيو يا ڪتاب نه اچڻ گهرجن پر ڪنهن کي روڪي به نٿو سگهجي، ياد رهي ته يوسف صلاح الدين جي گهر واري پرڏيهه ۾ رهي ٿي.

پي ٽي آءِ مرڪزي صدر جو پرويز الاهي اميدوار

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي پارٽي چونڊ سڀاڻي ٿي رهي آهي، چيئرمين  لاءِ بئريسٽر گوهر خان فارم ڀرايو آهي، سندس مقابلي ۾ ڪنهن فارم نه ڀرايو آهي. نامياري صحافي منصور علي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ذريعن کان علوم ٿيو آهي ته ڪي پي ڪي جي صدارت لاءِ علي امين گنڊاپور ۽ جنرل سيڪريٽري  لاءِ  علي اصفر فارم ڀرايو آهي، مرڪزي صدارت لاءِ پرويز الاهي ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ عمر ايوب جڏهن ته پنجاب جي صدارت لاءِ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ  حماد اظهر  فارم ڀريو آهي، سنڌ جي صدارت لاءِ حليم عادل اميدوار آهي. ووٽنگ آن لائين ٿيندي ۽ رجسٽرڊ ووٽر ووٽ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.