مردان (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مردان سٽي جي جنرل سيڪريٽري محمد اياز خان کي قتل ڪيو ويو، پوليس واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪري ورتو آهي.
مردان ۾ ن ليگ جي جنرل سيڪريٽري محمد اياز خان کي قتل ڪيو ويو، محمد اياز خان کي اڻڄاتل ماڻهن گوليون هڻي ماريو.
پوليس ٻڌايو ته محمد اياز خان گذريل رات پنهنجي گاڏي ۾ گهر وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل ماڻهن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.
اختيارين موجب ريسڪيو ٽيم کيس اسپتال پهچايو پر هو دم ڏئي چڪو هو، واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like