سياري ۾ وڌيڪ پاڻي پيئڻ جو ڪهڙو نقصان؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ گهڻو پاڻي پيئڻ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

دل ۽ معدي جي مسئلن ۾ مبتلا مريض سياري ۾ گهڻو پاڻي نه پيئن.

ڪارڊيالوجي ماهر صلاح ڏني آهي ته جن مريضن کي دل جو دورو پيو آهي انهن کي تمام گهڻو ٿڌو پاڻي نه پيئڻ گهرجي.

سياري ۾ وڌيڪ پاڻي پيئڻ سان دل جا عضوا ڪمزور ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري دل جي مريضن ۾ دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

سياري ۾ ڪجهه ماڻهو صبح جو 3 کان 4 گلاس خالي پيٽ پاڻي پيئندا آهن، اهو به بلڊ شگر ليول کي گهٽ ڪري سگهي ٿو.

وڌيڪ پاڻي پيئڻ سان دل کي پمپ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو آهي.

ٿڌو پاڻي دل جي مريضن جي رڳن کي سخت ڪري ٿو ۽ سڄي جسم ۾ رت پمپ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي جنهن سان دل جي دوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.