پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪوهستان ۾ تصويرون وائرل ٿيڻ تي غيرت جي نالي تي قتل ڪيل ناريءَ جي معاملي ۾ پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته مقتول ناريءَ جي تصوير ايڊٽ ٿيل هئي.
ڪولئي پالس جي ڊي پي او موجب خاندان جي وڏن جيڪي تصويرون ڏسي ناريءَ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهي ايڊٽ ٿيل هيون، ڇوڪريءَ جي تصوير ايڊٽ ڪري ڇوڪرن سان گڏ لڳائي وئي هئي.
پوليس موجب قتل جو واقعو ڪولئي پالس جي علائقي شريال ۾ پيش آيو، قتل جي الزام ۾ ناريءَ جي پيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چاچي ۽ ٻين سهولتڪارن جي ڳولا جاري آهي.
واضح رهي ته ڪوهستان ۾ 2012 ۾ به هڪ وائرل وڊيو جي بنياد تي جرڳي 5 عورتن ۽ 4 نوجوانن کي قتل ڪيو هو.
هوڏانهن خيبر پختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ سيد ارشد حسين شاهه ڪوهستان ۾ مبينا طور جرڳي ۾ ناري جي قتل جو سخت نوٽيس وٺندي فوري طور انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
Next Post
You might also like