ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف عمارتن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن تي ميئر مرتضيٰ وهاب وڏو فيصلو ڪري ورتو.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر جي ڪمرشل عمارتن جي فائر سيفٽي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان 3 ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.
هن آفيسرن سان مشاورتي اجلاس کانپوءِ وڊيو بيان ۾ چيو ته پهرئين مرحلي ۾ شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ طارق روڊ جي عمارتن جي فائر سيفٽي آڊٽ ڪرائي ويندي، ڏٺو ويندو ته ڪهڙين عمارتن ۾ فائر سيفٽي نظام موجود آهي، مشاهدي ۾ آيو آهي ته ڪيترين ئي وڏين ڪمرشل عمارتن ۾ هنگامي طور نڪرڻ جا رستا ئي ناهن.
سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي عملو انهن علائقن ۾ سڀني وڏين عمارتن جو جائزو وٺندو، جن عمارتن ۾ هنگامي طور نڪرڻ جا رستا آهن، اتان جي انتظاميا ان حوالي سان واضح ڪري، قانون موجب وڏين عمارتن ۾ فائر سيفٽي جو نظام ۽ هنگامي طور نڪرڻ جا رستا هجڻ لازمي آهي، جيڪڏهن ائين نه هوندو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته اهو انساني جانين جو مسئلو آهي، عمارتن جي انتظاميا ڪي ايم سي عملي سان سهڪار ڪري.
You might also like