ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي وفد جي ايم ڪيو ايم جي مرڪز آمد تي ن ليگي اڳواڻ جي موبائيل چوري ٿي وئي.
ن ليگ اڳواڻ اسد عثمان جي موبائيل فون گم ٿي وئي جيڪا هن وقت تائين هٿ ناهي اچي سگهي.
بهادر آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، نسرين جليل، امين الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ن ليگ وفد ۾ سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق، بشير ميمڻ، نهال ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا.