رفح ڪراسنگ کولي وئي، زخمي منتقل

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصري سيڪيورٽي ذريعن موجب غزه ۽ مصر وچ ۾ رفح ڪراسنگ اڄ ٻيهر کولي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گادي واري هنڌ قاهره ۾ زخمي ٿيل فلسطينين ۽ پرڏيهين جو پهريون گروپ رفح ڪراسنگ کان مصر ۾ داخل ٿيو.

مصري سڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪيترائي زخمي ۽ 80 پرڏيهي شهري رفح ڪراسنگ کان مصر ۾ داخل ٿيا، زخمين کي منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيائي سبب رفح ڪراسنگ کي جمعي تي بند ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.