جسٽس مظاهر هم خيال ججن جي صلاح سان جواب ڏنو

لاهور (عوامي اواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ هم خيال طور مشهوري ماڻيندڙ ججن سان 4 ڏينهن اڳ جسٽس مظاهر نقوي جي ڳجهي ملاقات ٿي  هئي جنهن ۾ کيس صلاح ڏني وئي هئي ته هو جڊيشل ڪائونسل جي ٽن ميمبرن تي اعتراض ڪري ۽ ڄمي بيهي شايد ! ان منطق پٺيان اهو راز هو ته جن ٽن ججن تي اعتراض ڪيو ويندو ته اهي الڳ ٿي ويندا ان کانپوءِ جيڪي سينيئر جج هوندا  اهي ريفرنس جو جائزو وٺندا جن ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر هوندا، اهڙي طرح جسٽس مظاهر نقوي کي رليف ملڻ جا امڪان  پيدا ٿي ويندا. پر قانوني ماهرن جو خيال آهي ته ايئن ممڪن نه آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 11 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.