تل ابيب/غزا (ويب ڊيسڪ ) حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ واري معاملي تي معاهدو طئي ٿي ويو .
عرب ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪيئي ڏينهن کان جاري ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿيو.
رپورٽ موجب، ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني عورتن ۽ ٻارن جي آزادي جي عيوض حماس طرفان سئو يرغمالي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته انساني بنيادن تي طئي ٿيل معاهدي بابت ڪيئي هفتن کان ڳالهيون هلندڙ هيون.
قطر طرفان ڪيترن ئي هفتن کان ٻنهي ڌرين وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ واري معاهدي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
واضح رهي ته حماس جي قيد ۾ 241 کان وڌيڪ اسرائيلي موجود آهن جن ۾ هنيئر تائين چار يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ست آڪٽوبر کان اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هنيئر تائين يارنهن هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ چار هزار پنج سئو چهه ٻار پڻ شامل آهن.