ڪراچي: گٽر ۾ ڪريل ڀاڻيجي کي بچائيندي مامو فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي جي گلزار ڪالوني ۾ 8 ورهين جو ٻارڙو کيڏندي گٽر ۾ ڪري پيو، جنهن کي بچائيندي سندس مامو حياتي وڃائي ويٺو، 32 ورهين جو سخي داد 4 ٻارن جو پيءُ هو.
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي گلزار ڪالوني ۾ کليل گٽر هڪ شخص جي حياتي ڳڙڪائي ويو، ۽ ڀاڻيجي کي بچائيندي مامو فوت ٿي ويو.
علائقي واسين موجب 8 سالن جو ٻارڙو ساجد پنهنجي مامي جي پٽ سان گڏ گھٽي ۾ وڃي رهيو ته کُليل گٽر ۾ ڪري پيو، سندس ماروٽ پنهنجي پيءُ کي مدد لاءِ سڏيو ته هن ٻارن کي ڏسي گٽر ۾ ٽپو ڏنو.
سخي داد ڀاڻجي کي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪڍي ورتو، پر پاڻ مين هول مان نه نڪري سگھيو، علائقي واسين سخي داد کي مين هول مان ٻاهر ڪڍيو پر هو نه بچي سگھيو.
سخي داد جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته سڄي علائقي ۾ گٽر ۽ برساتي نالا کُليل آهن جن ۾ زهريلو مواد ڀريل آهي.
علائقي جي ڪائونسلر جو چوڻ هو ته ميئرا ڪراچي مين هول کي ڍڪڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر گھربل انگ ۾ ڍڪ فراهم نه پيا ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.