ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي پوليس ڪارروائي ڪندي ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
موچڪو چيڪ پوسٽ تي چيڪنگ دوران حڪ چوڪي بلوچستان کان ايندڙ ٽرالر جي ڳجهي ٽينڪ ما ٽي هزار ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪئي وئي، جنهن جي ماليت لکين رُپيا ٻڌائي پئي وڃي.
ڊيزل اسمگلنگ ۾ ملوث ڊرائيور الطاف حسين کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.