24 ورهين جي گلوڪارا پراسرار نموني فوت

سئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي ناليواري گلوڪارا لم ني هي 24 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
گلوڪارا جي موت جو سبب اڃا سامهون ناهي آيو ۽ سندس ايجنسي ۽ خاندان پاران ڪو به باضابطا بيان به جاري ناهي ڪيو ويو.
ني هي جي پراسرار موت سندس مداحن کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس انسٽاگرام پوسٽ جي ڪمينٽ سيڪشن ۾ افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن.
گلوڪارا پنهنجي آخري انسٽاگرام پوسٽ تي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون هيون جنهن ۾ ريل جي سفر جي وڊيو به هئي.
واضح رهي ته ني هي پنهنجي گلوڪاري جي ڪيريئر جي شروعات 2019ع کان ڪئي هئي ۽ هوءَ چئن سالن جي ڪيريئر ۾ 15 گيت رڪارڊ ڪرائي چڪي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.