چڪن گونيا هڪ اهڙو وائرس آهي جيڪو مڇرن ذريعي پکڙبو آهي ۽ هڪ کان ٻئي فرد ۾ منتقل نٿو ٿي سگھي.
ان کي هيل تائين دنيا جي 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دريافت ڪيو ويو آهي.
چڪن گونيا مان متاثر مريضن جي فوت ٿيڻ جو امڪان نه هجڻ جي برابر هوندو آهي پر ان جي علامتن جي شدت وڌيڪ ٿي سگھي ٿي جڏهن ڊگھن بنيادن تي مختلف ناڪاري اثرن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
هاڻي آمريڪا ۾ ان مرض جي روڪٿام لاءِ دنيا جي پهرين ويڪسين جي منظوري ڏني وئي آهي.
فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن طرفان ان ويڪسين جي منظوري ڏني وئي.
ايف ڊي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چڪن گونيا ويڪسين جو استعمال 18 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا اهڙا ماڻهو ڪري سگھندا جن ۾ ان وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو.
ان ويڪسين کي فرانس جي هڪ ڪمپين Valneva تيار ڪيو آهي ۽ ان کي Ixchiq جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان ويڪسين جي تياري لاءِ وائرس جو هڪ زندهه پر ڪمزور ورجن استعمال ڪيو ويو آهي.
ويڪسين کي هڪ انجيڪشن جي شڪل ۾ استعمال ڪرايو ويندو.
ايف ڊي اي موجب ويڪسين جي جاچ 2 ڪلينيڪل ٽرائلز ۾ ڪئي وئي ۽ اها گھڻن ماڻهن لا محفوظ آهي، پر ان جي استعمال سان مٿي، پٺن، سنڌن جي سور ۽ انجيڪشن واري هنڌ تي هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
You might also like