اداڪارا پلاسٽڪ سرجري دوران فوت

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل سان واسطو رکندڙ مشهور سوشل ميڊيا انفلوئينسر ۽ اداڪارا گوڏي جي چرٻي ڪڍرائن دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.
پرڏيهي خابر اداري موجب 29 ورهين جي لوانا اينڊريڊ سائو پالو جي اسپتال ۾ گوڏي مان چرٻي ڪڍرائڻ جي پلاسٽڪ سرجري لاءِ آئي هئي، سندس سرجري اڍائي ڪلاڪن تي ٻڌل هئي ان دوران لوانا جي دل بند ٿي وئي، ڊاڪٽرن پلاسٽڪ سرجري ڇڏي سندس دل جو فوري علاج ڪرڻ جي ڪوشش ۽ کيس آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو پر هوءَ نه بچي سگھي.
ميڊيا رپورٽس موجب سوشل ميڊيا انفلوئينسر کي هڪ ئي وقت دل جا 4 دورا پيا هئا جنهن سبب سل کان ڦڦڙن تائين رت پهچائيندڙ شريانين ۾ رت جون ڳوڙهيون ڄمي ويون جيڪو سندس موت جو سبب بڻيو.
رپورٽس موجب انفلوئينسر جي موت تي برازيل جي مشهور فٽ بالر نيمار به ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.