سمارٽ فونز جو دور پڄاڻي تي پهتو، نئون ڊوائيس تيار

هيومن نالي ڪمپني اهڙو ڊوائيس متعارف ڪرايو آهي جنهن کي سمارٽ فونز جي خاتمي ڏانهن پهريون قدم قرار ڏئي سگھجي ٿو.
اي آءِ پن نالي اهو ڊوائيس هڪ ويئر ايبل فون جهڙو ئي آهي جنهن جي ٽيڪنالوجي دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.
هو چوڪنڊو ڊوائيس ڪپڙن ۾ ڪٿي به لڳائي سگھجي ٿو پر ان ۾ ڪا به اسڪرين ناهي.
ان ڊوائيس ۾ سنيپ ڊراگون جو سي پي يو استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيمرا، اسپيڪر ۽ موشن سينسرز به موجود اٿس.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ان ۾ ڪا به اسڪرين ناهي پر هڪ بلٽ ان پراجيڪٽر ضرور ان جو حصو آهي جيڪو اوهان جي هٿ جي تري يا ڪنهن به جاءِ کي اسڪرين ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.
ان ڊوائيس کي ڪنهن به سمارٽ فون سان ڪنيڪت ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر آواز يا ان جي سطح تي موجود ٽچ پيڊ سان ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته ان جي ڪيمرا شين کي اسڪين ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

对引脚人性化
ميڊيا رپورٽس موجب ان ڊوائيس سان فون ڪالز ڪري سگھجن ٿيون، مختلف ٻولين جو ترجمو ڪري سگھجي ٿو ۽ اهو اوهان جي آواز به ڳالهائي به سگھي ٿو.
ان سان گڏوگڏ اهو اي ميلز جي سمري تيار ڪري سگھجي ٿو ۽ اهڙا ڪيترائي فيچرز به ان جو حصو آهن.
ڊوائيس جي نالي مان ئي خبر پوي ٿي ته هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالوجي ان جو اهم ترين حصو آهي ۽ ان ۾ چيٽ جي پي ٽي ۽ مائڪرو سافٽ اي آءِ ماڊلز واهپيدارن جي مدد لاءِ موجود آهن.
ان کي ايپل ۾ ڪم ڪندڙ اڳوڻن ملازمن تيار ڪيو آهي ۽ اڃا به ڊوائيس بابت وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن اچي سگھيا.
ان جي قيمت 699 ڊالرز رکي وئي آهي ۽ 16 نومبر کان اهو آمريڪا ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.